درسگاهه مخدوم عربي ڌياڻو

درسگاهه مخدوم عربي ڌياڻو: سـنـڌ جـي قـديـم درسـگاهـن ۾ مـخـدوم عـربـي ڌيـاڻـي جـي درسگاهه جو پڻ ذڪر ملي ٿو. مخدوم عربي ڌياڻو، پير آسات جو ڀاءُ هو. وڏو عالم عارف ۽ ڪمال جو صاحب هو. هن ٽلٽيءَ جي مدرسي ۾ مخدوم بلاول وٽ تعليم حاصل ڪئي هئي. هن بابت روايت آهي ته هڪ هنڌ ويهي قرآن مجيد جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. سندس درسگاهه هالڪنڊي (هالا) ۾ هئي، جيڪا سندس پنهنجيءَ خانقاهه ۾ قائم ٿيل هئي. ڪيترا شاگرد وٽائنس ظاهري ۽ باطني علم سان فيضياب ٿيا. مخدوم نوح رح به وٽائنس علم پرايو. مخدوم عربي ڌياڻي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مخدوم بايزيد ان درسگاهه ۾ درس تدريس جو علم جاري رکيو. مخدوم بايزيد، پنهنجي والد کان تعليم حاصل ڪئي هئي. پاڻ والد جيان ظاهري علم سان گڏ باطني علم جو صاحب هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو